- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي سعيد آباد ۾ رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر جي گهر مان ڦر ڪندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ هڪ انسپيڪٽر هڪ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪري ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.
ليٽر موجب، برطرف سي ٽي ڊي اهلڪار پنهنجي بيگناهي ثابت نه ڪري سگھيا.
واضع رهي ته 29 نومبر تي ڪياماڙي ضلعي جي سعيد آباد واري علائقي ۾ رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر تي سي ٽي ڊي اهلڪار چڙهائي ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي ڦرلٽ ڪئي وئي.
واقعي جو ڪيس رٽائرڊ انسپيڪٽر بشير حسين جي فرياد ڄاڻايل اهلڪارن خلاف ڦر جو جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
