ڪراچي جي علائقي منگهو پير خير آباد ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران پنجن ڦورن کي مارڻ، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته منگهوپير خيرآباد ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران 2 موٽرسائيڪلن تي سوار ڦورن جو اطلاع مليو.
ايس ايس پي موجب ڦورن جو اطلاع ملندي ئي علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي، جنهن دوران ڦورن سان مقابلو ٿي پيو.
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 ڦورو مارجي ويا آهن جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
