- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ سنجراڻي ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران يوسي چيئرمين مارجي ويو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڀٽائي آباد جي گھٽي نمبر 19 ۾ ٻارن جي ويڙهه تان وڏا به پاڻ ۾ وڙهي ويا، ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ صابر مگسي مارجي ويو جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب مارجي ويل مقتول صابر مگسي پ پ يوسي 9 بختاور ڳوٺ جو چيئرمين هو، زخمين ۾ پنهل مگسي، اسد مگسي، منصف سنجراڻي، معراج سنجراڻي، سجاد سنجراڻي سميت 6 ڄڻا شامل آهن.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
يوسي 9 جي ڪائونسلر شوڪت نذير ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مقتول شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ هو ۽ پراپرٽي جو ڪاروبار ڪندو هو.
ڪائونسلر شوڪت نذير چيو ته مقتول واقعي کان ڪجهه وقت ساڻس گڏ هو، صابر کي ڳچيءَ ۾ لڳل گوليون جيڪي موتمار ثابت ٿيون، واقعو ٻارن جي جهيڙي دوران پيش آيو، مقتول صابر جي تدفين بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي پوليس واقعي واري هنڌ تان گولين جا خون ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪري ورتا…- Advertisement -
