ڪراچي جي ڪورنگي ڏيڍ نمبر واري علائقي ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ماءُ ڌيءَ چيڀاٽجي فوت

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءَ چيڀاٽجي فوت ٿي ويون جڏهن ته پٽ ۽ پي معجزاڻي طور محفوظ رهيا. ڪورنگي ڏيڍ نمبر ۾ تيز رفتار ٽرالر سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 43 ورهين جي ناديه ۽ سندس 15 سالا ڌي شمائلا تڏي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ معجزاڻي طور محفوظ رهيا. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل تي ماءُ ۽ ڌيءُ سميت 4 ڄڻا سوار هئا جيڪي شادي تقريب کان واپس اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته موقعي تي موجود شهرين ٽرالر تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ڀڃي ڇڏيا جنهن کانپوءِ پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي. زمان ٽائون پوليس موقعي تي پهچي شهرين کي ڇروڇڙ ڪيو ۽ ٽرالر ڊرائيور طاهر کي گرفتار ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
45%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون