ڪراچي: حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، مڇريل ماڻهن 5 ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ جيل چورنگي ويجهو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو، مڇريل شهرين پنجن ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته واٽر ٽينڪر ڊرائيور مبينا طور تي ريس لڳائي رهيا هئا ان دوران موٽر سائيڪل سوار زد ۾ اچي ويو. ريسڪيو عملدارن موجب، ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ گلشن رشيد نالي طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته جيل چورنگي ڀرسان مڇريل ماڻهن 5 واٽر ٽينڪرن کي باهه لڳائي ڇڏي جڏهن ته فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو. ٻئي پاسي صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جيل چورنگي وٽ ٽينڪرن کي باهه ڏيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو. پڌرائي موجب، گھرو وزير پوليس عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هڻندڙ ٽينڪر ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته هڪ ڊمپر سميت ٻن ڄڻن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
26%
2.4m/s
0%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون