تازه ترين

ڪراچي: روينيو کاتي ۾ زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ روينيو کاتي ۾ زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ بابت ڊي سي ملير آفيس جي عورت ڪلارڪ شبانه ڪنول ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جاچ آفيسر  چالان جمع ڪرائي چيو ته ڏوھه ۾ استعمال ٿيندڙ جوابدارن جو موبائل لاهور جي ليبارٽري مان فارنزڪ ڪرايو آهي جنهن ۾ رشوت وٺڻ جي ثابتي ٿي آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر چيو ته ڪيس جي فريادي، اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ۽ مختيار ڪار ۽ يوسي سيڪريٽن سميت 19 ڄڻن کي جوابدارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن ۾ ملير جي روينيو کاتي جي سينئر ڪلارڪ شبانه ڪنول، اسسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو، مختيارڪار محمد اسلم شر ۽ ٻيا شامل آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 فروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي . ڊي سي ملير آفيس جي روينيو ڪلارڪ شبانه ڪنول کي زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪرڻ جي الزام ۾ وڊيو رڪارڊنگ تي ھڪ ڪروڙ 14 لک 85 ھزار رپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ھو. رشوت وٺڻ جي وڊيو رڪارڊنگ سوشل ميڊيا تي جاري ٿي ھئي. جوابداره شبانه ڪنول ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون