تازه ترين

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخل لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي ورتي ويندي

- Advertisement -
ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ سڀاڻي ورتي ويندي، تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايم ڊي ڪيٽ 2024 جي ٽيسٽ ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ رٿيل آهي. ڪراچيءَ ۾ ٻن هنڌن تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي، 6 هزار 400 اميدوار اين ايِ ڊي يونيورسٽيءَ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ  ڏيندا، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 6 هزار 449 اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي ويندي. حيدرآباد ۾ 6 هزار 406 اميدوار پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ انٽري ٽيسٽ ڏيندا، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ 6 هزار 254 اميدوار پنهنجي قسمت آزمائيندا. شهيد بينظير آباد ۾ 27 سئو 86 اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ قائد عوام يونيورسٽي ۾ ورتي ويندي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 4 هزار 802 ميڊيڪل جا شاگرد پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيندا. سکر ڊويزن سان تعلق رکندڙ 5 هزار 586 اميدوارن کان ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ آءِ بي ايَ پبلڪ اسڪول ۾ ورتي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
25 %
1kmh
14 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون