تازه ترين

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ حالتون خراب آهن پر اڃا فوج جي ضرورت ناهي : آءِ جي سنڌ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ حالتون خراب آهن پر اڃا فوج جي ضرورت ناهي، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن تي افسوس آهي، پوليس اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي پر ان لاءِ سوسائٽي کي به پوليس جي مدد ڪرڻي پوندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ حالتون خراب آهن پر اڃا فوج جي ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ فوج جي ضرورت ناهي، فوج سنڌ پوليس کي جديد هٿيارن سان گڏ تربيت به ڏئي رهي آهي، امن امان جي صورتحال تي جلد ضابطو آندو ويندو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪوبه نوگو ايريا ناهي، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن تي افسوس آهي، هاڻي اسٽريٽ ڪرمنل جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪي جوابدار 8 کان 10 ڀيرا اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ جيل وڃي چڪا آهن کين سخت ان سخت سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا، جوابدار عدالتن ۾ شهرين طرفان سڃاڻپ نه ڪرڻ سبب ضمانت تي آزاد ٿي ويندا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ٽن مهينن ۾ 68 ڦورو مارجي ويا ۽ 400 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، پوليس جي ٻين ڪاررواين دوران گرفتار ڪيل جوابدارن جو انگ ان کان وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته اثرائتي شاهدي نه ملڻ سبب جوابدار ضمانت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ضمانت تي آزاد جوابدار بار بار ڪرائيم ڪندا آهن ۽ گرفتار ٿيندا آهن، جن جوابدارن جي شهري سڃاڻپ ڪئي اهي جيلن ۾ بند آهن. آءِ جي سنڌ چيو ته پراسيڪيوشن ۾ بهتري لاءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر کي پهرين ڏينهن کان آءِ او سان ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڦر دوران قتل، جاچ لاءِ نئين آفيسر تي ٻڌل ٽيم جوڙي وئي آهي، ٽيم پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، جلد اهم اڳڀرائي نظر ايندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون