- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل نينگري سميت پنجن ڄڻن جي بابت درخواستن تي وفاقي گهرو وزير، بچاءَ واري سيڪريٽري، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل نينگري سميت پنجن ڄڻن جي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران گم ٿيلن جي وارثن ۽ وڪيلن مان ڪوبه عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
عدالت ۾ جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪيتري ئي عرصي کان ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.
جاچ آفيسر جي رپورٽ موجب گم ٿيل شهري محمد امين 2014ع کان قائد آباد ٿاڻي جي علائقي مان گم آهي.
جاچ آفيسر چيو ته شهري مشتاق 2015 گارڊن ۽ بيبي سيما سهراب ڳوٺ جي علائقن مان گم آهي.
جاچ آفيسر چيو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان شهري مقصود ۽ سکن ٿاڻي جي حد مان زبير گم آهن.
عدالت پوليس رپورٽن کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت وفاقي گهرو وزارت، دفاع، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
