تازه ترين

ڪراچي: نگران وزيراعظم ۽ پ پ قيادت ۾ ملاقات جي اندورني ڪهاڻي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزير اعظم انوار الحق الحق ڪاڪڙ سان پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، وفد چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ سميت ٻين مقررين ۽ بدلين تي اعتراض اٿاريا آهن.

نگران وزير اعظم انوار الحق الحق ڪاڪڙ سان پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

پيپلز پارٽي جي وفد نگران وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو ته مٿن دٻاءُ هو ته ٽن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان آءِ جي سنڌ کي اڳ تبديل نه ڪيو وڃي.

وفد، نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي نگران حڪومت سان صلاح مشوري کانسواءِ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ آءِ جي سنڌ کي ٽن سالن جو مدو پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو.

پيپلز پارٽي جي وفد خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاق ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ آفيسرن کي هٽايو ويو يا سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، وفاق ۾ 41 وزارتن ۾ رڳو چئن سيڪريٽرين جو تعلق سنڌ سان آهي.

پيپلز پارٽي جي وفد چيو ته سنڌ شان تعلق رکندڙ 22 گريڊ جا 7 آفيسر پوسٽنگ کان محروم آهن، سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٻئي صوبي مان مقرر ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي وفد، سنڌ ۾ ترقياتي فنڊز منجمد ڪرڻ ۽ وڏي پئماني تي ٽرانسفر پوسٽنگ تي به اعتراض ڪيا، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي مقرري تي به اعتراض ڪيا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
13 %
5.3kmh
86 %
اڱارو
32 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون