تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي پوليس مقابلا، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 4 گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ پوليس مختلف مقابلن دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ ۽ 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لياري ايڪسپريس وي ويجهو سولجر ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ تنوير جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري سنگين وارداتن ۾ ملوث آهي، سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. اسٽيل ٽائون پوليس مقابلي ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن حديد فيز ٿري ۾ مقابلي دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب، گرفتار ڦورن جي قبضي مان پسٽل  ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. سٽي پوليس ۽ لياري گينگوار جي ڏوهارين ۾فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، شجاع نالي جوابدار جو تعلق سميع الله لاکو سان آهي، جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. ٻئي پاسي بوٽ بيس پوليس چائنا پورٽ ڀرسان مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي سوگھو ڪري سندس قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون