تازه ترين

ڪراچي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي، ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏئي ڇڏيو،

- Advertisement -
ڪراچي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي، ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏئي ڇڏيو، واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمرڪوٽ واقعي تي افسوس ٿيو آهي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي، واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ پير منظور چيو ته  اڄ ڪلهه ننڍين ننڍين ڳالهين کي اشو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اهي چاهين ٿا ته ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جي مڪمل شفاف جاچ ڪرائي وڃي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ چيو ته پوليس پاڻ عدالت جو ڪردار ادا ڪري ۽ فيصلا ڪري ڪنهن کي ماري ڇڏي اھو عمل مذمت جي قابل آھي، پوءِ عدالتون ڇا جي لاءِ آهن. هن چيو ته اسلام سڀني سان انصاف ڪري ٿو، جيڪو لاش سان ٿيو انھيءَ سان انسانيت شرمسار ٿي آهي، سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر وارث جکراڻي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، هتي عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا پيا وڃن جيڪو قانون ۽ آئين جي خلاف آهي. پروفيسر محمد صديق چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪجي ٿي. ڊاڪٽر احمد سلطان چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهون قتل آهي جنهن جي عدالتي ڪاميٽي جوڙي ان سان انصاف ڪيو وڃي. ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عهديدارن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ  جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي جيئن ٻيهر ڪير اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي . هنن چيو ته ٻن ڏينهن جي الٽيميٽم ڏيون ٿا حڪومت ايڪشن کڻي ٻي صورت م ڊائو اڳيان احتجاج ڪيو ويندو .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون