- Advertisement -
ڪراچي ۾ ٻن ڌار ڌار رود حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سپر هاءِ وي ڪاٺوڙ پل ڀرسان ٻن ٽرڪن ۽ هڪ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو عملي موجب، حيدرآباد کان ڪراچي ايندي هڪ ڪار ڪاٺوڙ ڀرسان خراب ٿي پئي هئي جنهن مال بردار ٽرڪ کان مدد گهري.
ٽرڪ رسو ٻڌي ڪار کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر رسو ٽائر ۾ ڦاسي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽي ٿي پئي ۽ پويان کان ايندڙ ٽرڪ ڪلٽي ٿيل ڪار ۽ ٽرڪ کي ٽڪر هنيو.
ان حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ اڃان تائين ناهي ٿي.
ٻئي پاسي حب ريور روڊ تي ٽرالر ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، حب کان ڪراچي ايندڙ ڪوسٽر تيز رفتاري سبب ٽرالر سان پويان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب ڪوسٽر جو اڳيون حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.
زخمين کي فوري طور تي ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.
پوليس موجب، ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل سمورا ماڻهو حب چوڪي ۾ شادي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا.- Advertisement -
