ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حب کان اضافي لائين وڇائي پئي وڃي: مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آھي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حب کان اضافي لائين وڇائي پئي وڃي. ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ماڙيپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽي ۾ 280 ايم جي ڊي پاڻي صاف ڪيو ويندو آھي، ڪراچي کي حب ڊيم مان 655 ايم جي ڊي پاڻي سپلائي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، پاڻي جي لائينن جي پهچ ۽ چوري سبب 40 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرڪ اڏي مان ٽرالر وارو مسئلو وفاق جو آھي، ٽرالر ھڪ کان ٻئي صوبي يا ملڪ ڏانھن سفر ڪن ٿا، انھن کي بيھارڻ لاءِ وفاق سنجيده ناھي. مرتضيٰ وھاب چيو ته وفاق کي خط لکيو آھي ته ٽرالر کي لياري ايڪسپريس وي کان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر وفاق ڪنھن کي خوش رکڻ لاءِ فيصلو نه پيو ڪري، ٽرالر بيھڻ سان علائقي واسين کي جيڪي پريشانيون ٿين ٿيون ان جو اندازو آهي. ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ماڙيپور ٽائون جو چيئرمين ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون