- Advertisement -
ڪراچي ۾ ڊالميا شانتي نگر ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڪار لفٽر مارجي ويو جڏهن ته ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ گرفتار جوابدار ڪار لفٽر آهن جيڪي گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڊالميا شانتي نگر ڀرسان انهن جو پوليس سان مقابلو ٿي پيو.
پوليس ذريعن موجب، مبينا مقابلي ۾ هڪ ڪار لفٽر مارجي ويو آخري اطلاعن تائين پوليس واقعي واري هنڌ تان وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيو وڃن.
ٻئي پاسي سائيٽ سپر هاءِ وي
ڪراچي تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ڦورن جو پيڇو ڪيو ته هو سرجاني جي علائقي ۾ داخل ٿي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فرحان پٽ الطاف خان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهريءَ کي پوليس مقابلي دوران ڦورن جي گولي لڳي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
واضع رهي ته هلندڙ سال ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شهرين جو انگ 105 ٿي ويو آهي……….- Advertisement -
