تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪرغزستان مان پي آءِ اي جي خاص اڏام  ذريعي وڌيڪ 180 کان وڌيڪ شاگردن جي ڪراچي آمد

- Advertisement -
ڪرغزستان مان پي آءِ اي جي خاص اڏام  ذريعي وڌيڪ 180 کان وڌيڪ شاگردن جي ڪراچي آمد تي  سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه ۽ ٻين طرفان آجيان ڪئي وئي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽  وڏي وزير مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي شاگردن کي ڏيهه واپس آندو ويو آهي، وڌيڪ هڪ خاص جهاز ذريعي شاگردن کي ڏيهه آندو ويندو، چوٿين فلائيٽ جو خرچ سنڌ سرڪار برداشت ڪيو آهي، انشاءَ الله سمورن پاڪستاني ٻارڙن کي ڏيهه واپس آندو ويندو، صوبائي وزير ناصر شاهه  جو چوڻ آهي ته پ پ جي قيادت والدين جي ڏک کان واقف آهي، زخمي شاگردن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي پي آءِ اي جي چارٽر اڏام ڪرغزستان مان پاڪستاني شاگردن کي کڻي ڪراچي پهتي. هوائي اڏي آمد تي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري وزير ناصر شاهه شاگردن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته کين خوشي آهي ته سندن شاگرد پنهنجي پيارن وچ ۾ پهچي ويا آهن. هن چيو ته سنڌ سرڪار  پنهنجي شاگردن جي حفاظت سان گهر واپسي کي يقيني بڻايو. سندس چوڻ هو ته وڏو وزير مراد علي شاهه شاگردن جي محفوظ ۽ وقت تي واپسي جي انتظامن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرغزستان مان پاڪستاني شاگردن جي حفاظت سان واپسي لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي شهرين جي سلامتي ۽ ڀلائي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي منشور تي عمل ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته خاص اڏام ۾ رڳو ڪراچي نه پر سموري ملڪ جا شاگرد پهتا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته رهجي ويل شاگردن کي به حفاظت سان ڏيهه واپس آندو ويندو. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته پ پ قيادت کي والدين جي ڏکن جو احساس آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار زخمي شاگردن جو بهتر علاج ڪرائيندي. سندس چوڻ ته ڪرغزستان واقعي کانپوءِ صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شاگردن جي واپسي لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ناصر شاهه چيو ته
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون