- Advertisement -
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن کي واپس آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن، خاص اڏامون هلايون پيون وڃن، شاگرد ڀلي ملڪ جي ڪنهن به صوبي جو هجي سنڌ سرڪار جي خرچ تي کين واپس آندو ويندو.
ڪراچيءَ ۾ پارٽي حسن مرتضيٰ ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن لاءِ سنجيده آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايت کين واپس آندو پيو وڃي.
هن چيو ته ڪرغزستان ۾ ڦاٿل پاڪستانين لاءِ خاص اڏامن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير اڄ شاگردن جي هڪ کيپ کي ايئرپورٽ تي ريسڪيو ڪيو.
ناصر شاهه چيو ته بجيٽ ۾ پاڻيءَ جي اسڪيمن کي ترجيح ڏني ويندي، 3 سئو يونٽ فري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر وفاق ۾ پ پ جي حڪومت ناهي، هو هڪ سئو فري يونٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
صوبائي وزير چيو ته سولر انرجي تي ٽيڪس لڳائڻ کي هو ظلم سمجهن ٿا، وفاقي سرڪار سان ڳالهيون ڪيون آهن، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عام بجلي تي ٽيڪس لڳائڻ جي رٿابندي آهي.
ناصر شاهه چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ٿو، جيڪڏهن بجلي تي سبسڊي نه پئي ڏني وڃي ته متبادل توانائي تي ٽيڪس لاڳو نه ڪريو- Advertisement -
