تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئون ۽ دلچسپ ٽيسٽ ٽوئنٽي فارميٽ متعارف

- Advertisement -
ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي کانپواءِ ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئون ۽ دلچسپ ٽيسٽ ٽوئنٽي فارميٽ متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ 16   آڪٽوبر تي نئون ۽ دلچسپ فارميٽ متعارف ڪراي ويو آهي، ان فارميٽ جو منصوبو  ڀارتي اسپورٽس سيڙپڪار  گورَوِ بهيرواڻي پيش ڪيو. ٽيسٽ ٽي ٽوئنٽي کي ڪرڪيٽ جو چوٿون فارميٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ان مصنوبي جي لانچنگ تقريب هڪ آن لائن گڏجاڻي ۾ ڪئي وئي، ٽيسٽ ٽي ٽوئنٽي جي باني گورَوِ سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. نئون فارميٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي حڪمت عملي کي ٽي ٽوئنٽي جي تيز رفتاري سان ڳنڍيندو، فارميٽ کي عالمي ڪرڪيٽ جي ڪيترن ئي وڏن نالن جي حمايت حاصل آهي، جنهن ۾ اي بي ڊي ويليئرز، سر ڪلائيو لائيڊ ۽ ميٿيو هيڊن شامل آهن. ويب سائٽ موجب ٽيسٽ ٽي ٽوئڻٽي جي هر ميچ مجموعي طور 80 اوورن تي ٻڌل هوندي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جيان مجموعي طور 4 اننگز ٿينديون، هر ٽيم ويهن اوورن تي ٻڌل ٻه اننگز کيڏيندي ۽ ٽيسٽ ميچ جيان پهرين اننگز جي ليڊ ٻي اننگز ۾ جمع ٿيندي. ان فارميٽ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جيان فالو آن ۽ ٽي ٽوئنٽي جيان پاور پلي به هوندو، هر ٽيم پنج بالر استعمال ڪري سگهندي ۽ هر بالر ٻنهي اننگز ۾ مجموعي طور 8 اوور ڪرائي سگهندو. ٽيسٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ وائيڊ ۽ نو بالن لاءِ ٽي ٽوئنٽي جا قانون لاڳو ٿيندا، يعني فري هٽ به ملندي. نئين فارميٽ ۾ سمورا امڪاني نتيجا، فتح، شڪست، ٽاءِ ۽ ڊرا شامل هوندا، جيڪڏهن ٻنهي ٽيمن جو اسڪور برابر ٿيو ته فاتح جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيندو، جيڪڏهن ڪا ٽيم پنهنجي اننگز 5 وڪيٽون هٿ ۾ رکندي مڪمل ڪري ته ميچ کي ڊرا تي ختم ڪرڻ جو اختيار رکندي. ٽيسٽ ٽي ٽوئنٽي جو پهريون ايونٽ جونيئر ٽيسٽ ٽي ٽوئنٽي چيمپئن شپ جنوري 2026ع ۾ ٿيندو، جنهن ۾ تيرهن کان 19 ورهين جا رانديگر حصو وٺندا…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون