- Advertisement -
ڪرڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خيبرپختونخوا جي علائقي ڪرڪ ۾ آپريشن ڪيو.
ترجمان چيو ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
