- Advertisement -
ڪشمور ويجهو ڊکڻ بنگلو ۾ مڇي جي فارم تي ستل 2 چوڪيدارن آصف دشتي ۽ غلام حسين دشتي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا.
مغوين جي وارثن طرفان ڪشمور ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.
ڪشمور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد مان احمد دين سومرو ۽ نوجوان جهانزيب سومرو پڻ اغوا ٿي ويا هئا.
پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو.
مغوين جي وارثن طرفان آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
