ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي جو امن ممڪن ناهي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي: اسحاق  ڊار

- Advertisement -
پاڪستان ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، نائب وزيراعظم اسحاق  ڊار جو چوڻ آهي ته  ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي جو امن ممڪن ناهي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي، چين سان سي پيڪ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪ چين دوستي مضبوط ٿي رهي آهي. بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي مفادن جي تحفظ ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حمايت جي خاطري ڪرائي. چيني پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نائنب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چين ۽ پاڪستان اهم ڀائيوار آهن، سندن دوستي جبل کان مضبوط آهي، جيڪا وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهن، جيڪي گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي لاءِ اهميت رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن چيو ته  پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط دوستي آهي، ون چائنا پاليسيءَ تي پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
30%
1.1m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون