تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو

- Advertisement -
بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻه طرفي فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، علاقائي سلامتي ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف چيو ته پاڪستان بحرين سان روايتي، دفاعي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو. بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شيخ محمد بن عيسيٰ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ بحرين جي عزم کي ورجايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
1.7kmh
57 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون