ڪنري پوليس شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي سوين ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوحاڻي پاڙي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هنيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڇاپي دوران 160 ليٽر ديسي شراب، 800 ليٽر ڪچي شراب جا ڊرم ۽ گيلن هٿ ڪيا ويا.
پوليس موجب ڇاپي دوران ٽن جوابدارن اڪبر نوحاڻي، راجا نوحاڻي ۽ مانجهي نوحاڻي کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
آهي.
