- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي مفادن ۽ ترجيحن سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو، پيپلزپارٽيءَ جي مطالبن کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، اتحادين کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
شهبازشريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ اهم ويهڪ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصر نه ٿا چاهن ته پاڪستان ترقي ڪري، ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن بهترين ٿي هيون آهن، کين اتحادين کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي مطالبن کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، جيترو ٿي سگهي کين ان کي حل ڪرڻو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف اجلاس دوران پيپلزپارٽيءَ جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.- Advertisement -
