تازه ترين

ڪنڊيارو ۾ نوجوان جي قتل خلاف وارثن احتجاجي مظاھرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪنڊيارو ۾ نوجوان جي قتل خلاف وارثن احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڳوٺ لائق جتوئي جي رھواسين ايوب، ڇتل، جميل، عبدالرزاق جتوئي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو تھ نوجوان طارق جتوئي علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ ويو ھو، اسپتال انتظاميا چوري جي الزام ھيٺ پڪڙي کيس پوليس حوالي ڪيو.

ھنن چيو تھ ٻئي ڏھاڙي نوجوان جو لاش ھٿ آيو، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، ھو گمبٽ پھتا تھ پوليس چيو تھ لاش ايڌي جي حوالي ڪيو، جڏھن تھ ايڌي وارن لاش دفنائي ڇڏيو آھي. احتجاج ڪندڙن چيو تھ گمس اسپتال انتظاميا نوجوان کي قتل ڪرائي لاش گم ڪرائي ڇڏيو آھي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
4.6kmh
76 %
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون