تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪنڌڪوٽ  ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هٿياربند پيٽرول پمپ جي منشي کي مبينا طور اغوا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪنڌڪوٽ  ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هٿياربند پيٽرول پمپ جي منشي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، جڏهن ته مزاحمت تي هيلپر کي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف مغوي جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قمبراڻي لاڙي ڀرسان پيٽرول پمپ تي ڇهه اڻڄاتل هٿياربندن ڪاهه ڪري  مبينا طور منشي  وحيد ملڪ کي اغوا ڪري ويا ۽ مزاحمت تي هليپر عابد علي قمبراڻي کي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

مغوي عبدالوحيد جي وارثن  آفتاب ملڪ، حاجن ملڪ، بهادر ملڪ، عرفان ملڪ ۽ ٻين قمبراڻي لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مظاهرين چيو ته ڪشمور ضلعي کي ڏوهارين حوالي ڪري پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.

هنن چيو ته پوليس جي نااهلي جي ڪري ماڻهو نه گهرن ۾ محفوظ آهن ۽ نه ئي گهرن کان ٻاهر.

وارثن چيو ته ضلعي اندر پوليس جي رٽ بلڪل ختم ٿي چڪي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ترت مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
29 %
1.4kmh
11 %
سُومر
20 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون