تازه ترين

ڪوٽ غلام محمد ۾ چئن ٻارن جي پيءُ گهر واري سان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪوٽ غلام محمد ۾ چئن ٻارن جي پيءُ گهر واري سان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. شهر جي وارڊ نمبر 7 واسي 4 ٻارن جي پيءُ 35 سالن جي مٿن ميگهواڙ گهر واري کان ناراض ٿي چِيڪن جي باغ ۾ وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول جي ڀاءُ گوهر ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته مٿن کي شراب پيتل هو رات جو گهران نڪري ويو، ڳولا ڪرڻ بعد سندس لاش چيڪو جي وڻ ۾ ٽنگيل مليو آهي. سندس چوڻ هو ته هنن جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آهي مٿن آپگهات ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون