تازه ترين

“ڪوڙي خبر پکيڙڻ تي 30 لک رپيا ڏنڊ ٿيندو”، پنجاب اسيمبلي عزت جي دعويٰ وارو بل منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
“ڪوڙي خبر پکيڙڻ تي 30 لک رپيا ڏنڊ ٿيندو”، پنجاب اسيمبلي عزت جي دعويٰ وارو بل منظور ڪري ورتو آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان عزت جي دعويٰ وارو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ ملڪ احمد خان جي اڳواڻيءَ ۾ مخالف ڌر ايوان ۾ هنگامو ڪيو، ڪارو قانون نامنظور جا نعرا هنيا. صوبائي وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان بل ٻيهر سليڪٽ ڪميٽيءَ ڏانهن موڪلڻ جي مخالفت ڪئي. صحافين به عزت جي دعويٰ واري بل خلاف احتجاج ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ اسيمبلي جي ڏاڪڻن تي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مخالف جي سخت احتجاج دوران زعت جي دعويٰ واري بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. بل تحت بل پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي لاڳو ٿيندو، ڪوڙي ۽ غيرحقيقي خبرن تي عزت جي دعويٰ جو ڪيس داخل ٿيندو، ڪنهن شخص جي ذاتي زندگي، عوامي هنڌ کي نقصان پهچائڻ لاءِ وائرل ڪيل خبرن تي قانون تحت ڪارروائي ٿيندي. بل موجب عزت جي دعويٰ وارا ڪيس ٻڌڻ لاءِ خاص ٽربيونلَ قائم ٿيندا، جيڪي ڇهن مهينن اندر فيصلو ڪرڻ جا پابند هوندا. منظور ڪيل بل موجب آئيني عهدن تي موجود شخصيتن خلاف الزام جي صورت ۾ هائيڪورٽ جي بئنچ ڪيس ٻڌندي، عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي ڪيس ۾قانوني مدد لاءِ حڪومتي ليگل ٽيم جي سهولت هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون