تازه ترين

ڪو ڪجهه به چوي پر هو بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائيندا: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪو ڪجهه به چوي پر هو بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائيندا، عام چونڊن ۾ پ پ چئني صوبن مان ڪلين سوئپ ڪندي، هنن ڪنهن کي به گار جو جواب گار سان ناهي ڏنو، قيادت جي عدالتي قتل باوجود عدليا خلاف مهم ناهي هلائي.

پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل مي۾ڻ چيو ته پاڪستان ۾ خراب ڪلچر کي ختم ڪيو ويو آهي، ملڪ جو ڪلچر ادب ۽ احترام آهي.

هن چيو ته هڪ پارٽيءَ وارا سوشل ميڊيا جا دهشتگرد هئا، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جو غلط چهرو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

شرجيل ميمڻ چيو ته گار جو جواب گار سان اهو ڏيندو آهي، جنهن وٽ دليل ختم ٿي ويندا آهن، هنن ڪنهن کي به گار جو جواب گار سان ناهي ڏنو دليل سان اصل حقيقت بيان ڪئي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته قيادت جو عدالتي قتل ٿيڻ باوجود عدليا خلاف مهم نه هلائي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪو ڪجهه به چوي پر هو بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائيندا، عام چونڊن ۾ پ پ چئني صوبن مان ڪلين سوئپ ڪندي.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته سڀني کي گڏجي ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.5 ° C
32.5 °
32.5 °
13 %
2.3kmh
41 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون