ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 14 ڄڻن مان ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن

- Advertisement -
ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 14 ڄڻن مان ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته پاڪ نيوي، ميري ٽائيم سڪيورٽي، مقامي ٽوٻن پاران ٻين جي ڳولا جاري آهي. 5 مارچ تي ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ ملير جي علائقي ابراهيم حيدري واسي مهاڻن جي ٻيڙي سمنڊ ۾ اونڌي ٿيڻ سبب 45 ڄڻا ٻڏي ويا هئا جن مان 31 کي بچايو ويو هو. پاڪ نيوي، ميري ٽائيم سڪيورٽي، مقامي ٽوٻن پاران مسلسل ڳولا بعد ٻڏي ويل ابراهيم حيدري واسي 14 مهاڻن مان ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. حجامڙو ڪريڪ تي بيٺل مهاڻن جو چوڻ آهي ته فشريز کاتو فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي انتظاميا گم آهي، جڏهن ته ٻڏي ويل 14 ڄڻن مان 3 ڄڻن جا لاش حجامڙو ڪريڪ کان 11 ميل پري مليا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون