تازه ترين

ڪي پي جو وڏو وزير 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ گم رهڻ کانپوءِ صوبائي اسيمبلي ۾ پهچي ويو

- Advertisement -
ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ گم رهڻ کانپوءِ صوبائي اسيمبلي ۾ پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته هو سڄي رات ڪي پي هائوس ۾ هو، پر پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور اوچتو ڪي پي اسيمبلي پهتو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ميمبرن نعريبازي ڪئي. ڪي پي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير علي گنڊاپور چيو ته اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ڏسي ورتي، هو سڄي رات ڪي پي هائوس ۾ هو، پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو، پوليس ڪي پي هائوس تي چڙهائي ڪري شيلنگ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، اسلام آباد پوليس کي ڀڃ ڊاهه جو حساب ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته کين پرامن احتجاج جي اجازت نه پئي ملي، حڪومت کي ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي. علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ هڪ شخص لاءِ قانون جوڙيو پيو وڃي، ان لاءِ سڀني کي کنڀي رهيا آهن، ڪنهن کي 25 ڪروڙ عوام جي ڳڻتي ناهي. ڪي پي جي وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اوهان گورنر راڄ جو تجربو ڪري ڏسو، هو پنهنجي بي عزتي جو پلاند ضرور وٺندا، فارم 47 وارا لوٽا پنهنجي جماعت خلاف ڳالهائي نه ٿا سگهن، ملڪ جي آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون