- Advertisement -
ڪي پي جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي جي قسم کڻڻ واري تقريب اڄ شام گورنر هائوس ۾ ٿيندي، گورنر هائوس وزيراعليٰ هائوس کي آگاهه ڪري ڇڏيو
ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو سنڌ جو دورو مختصر ڪري رات ئي پشاور پهچي ويو
واضح رهي ته پشاور هائيڪورٽ خيبرپختونخوا جي گورنر کي اڄ نئين چونڊيل وڏي وزير کي قسم کڻائڻ جو حڪم ڏنو.
پشاور هائيڪورٽ نئين چونڊيل وڏي وزير کان قسم کڻڻ بابت درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو.
عدالت چيو ته خيبرپختخوا جو گورنر نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريديءَ کي اربع ڏينهن شام چئين وڳي قسم کڻائي.
پشاور هائيڪورٽ چيو ته گورنر، وڏي وزير کي قسم نه کڻائي ته ان ئي ڏينهن اسپيڪر نئين چونڊيل وڏي وزير کي قسم کڻائي.- Advertisement -
