تازه ترين

ڪي پي ۾ ڪو به عوامي منصوبو نظر نه اچي رهيو آهي: عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪي پي ۾ ڪو به عوامي منصوبو نظر نه اچي رهيو آهي، ڪرم ۾ باهه ٻريل آهي، وڏو وزير ڪٿي آهي؟، امن امان برقرار رکڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، علي امين گنڊاپور کي عوام جي ڪابه ڳڻتي ناهي، ڪي پي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف وارا ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ نفرت پکيڙڻ چاهن ٿا، ڪجهه ڏينهن کان ڪرم ۽ پارا چنار ۾ جنگ جي حالت ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور کي احتجاج بدران ڪرم ۽ پارا چنار جو دورو ڪرڻ گهرجي، ڪي پي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير صوبي ۾ امن امان لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، علي امين گنڊاپور صوبي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪيو. هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي صوبي ۾ امن امان جي نه احتجاج ۽ سياست جو فڪر آهي، ڇا عوام کي ڏڦيڙي ٽولي جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي؟، شريعت بابت ڳالهه ڪندڙ اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني بغاوت، چوري ۽ قانون ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ قيد آهي، اسلامي ملڪن تي الزام لڳائيندي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، تحريڪ انصاف دور ۾ پرڏيهي لاڳاپا خراب ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون