گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ واري عمل کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اطلاعات واري سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته نگران حڪومت عوام  کي اهڙين حالتن ۾ رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ مهانگائي جي دٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ سان عوام لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون وڌنديون، آءِ ايم ايف جي جنجر سان روز عوام کي ذبح ڪيو پيو وڃي، حڪومت ٻڌائي ته آخر عوام کي ڪيستائين مهانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رهندا.

سردار عبدالرحيم چيو ته پي ڊي ايم حڪومت معاهدو عوام دشمن ثابت ٿيو آهي، نگران حڪومت مهانگائي ختم ڪري عوام جي حالت تي رحم ڪري.

جي ڊي اڳواڻ جو چوڻ هو ته نگران حڪومت اتحادي حڪومت جي وزيرن، مشيرن ۽ ڪرپٽ مافيا جو گهيرو تنگ ڪري لـُٽيل سرڪاري خزانو واپس ڪرائي ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
2.5m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
17 °

تازه ترين خبرون