- Advertisement -
گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 مان 30 ميمبر قسم کڻي ورتو آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر ايڊووڪيٽ نذير احمد چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻايو.
پيپلزپارٽي جي 13، مسلم ليگ نون جي 9، استحڪام پاڪستان پارٽي جي 6 ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ ميمبر قسم کنيو.
تحريڪ انصاف جو حمايت يافته هڪ ميمبر به قسم کڻندڙن ۾ شامل آهي.
هاڻي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائد ايوان جي چونڊ عمل ۾ آندي ويندي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گلگت جي ٽن تڪن جو نوٽيفڪيشن عدالتي حڪم تي روڪيو ويو آهي.- Advertisement -
