- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، ڪيتري ئي عرصي کان گم ٿيل ٻه شهري بازياب ٿي گهر پهچڻ تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
پوليس گم ٿيل شهرين بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
پوليس رپورٽ موجب نيو ڪراچي مان گم ٿيل حسين علي نقوي ۽ سر سيد مان گم ٿيل محمد فيصل گهر واپس پهچي ويا آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن گم ٿيل شهرين جي بازيابي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي جي بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
عدالت ڪلفٽن مان گم ٿيل شهري ياسين جي گهرواري جا ڊي اين اي سيمپل وٺڻ جي هدايت ڪئي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته اي وي ايل سي، سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن کان معلومات ورتي وئي آهي، ڪنهن به اداري شهري ياسين کي حراست ۾ ناهي ورتو.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سچل مان گم ٿيل شهري ثاقب جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو ويو آهي.
عدالت ٻين گم ٿيلن جي بازيابي بابت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
