- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ڳولا جو عمل جاري رکيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايئرپورٽ جي علائقي مان گم ٿيل شهري عبدالوحيد جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.
عدالت جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهري جي ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ڳولا جو عمل جاري رکيو وڃي.
عدالت جي آءِ ٽي اجلاس جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
