- Advertisement -
پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر چيو آهي ته گهوٽڪيءَ جو عوام ڌاڙيلن کان محفوظ ناهي رهيو، ڪڙمي يا پورهيت گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي، عوام جي حفاظت سندن فرض آهي، ان لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.
ڪراچيءَ ۾ پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر ۽ اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺيَ وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران سياسي ۽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
سردار علي گوهر مهر گهوٽڪيءَ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گهوٽڪيءَ جو عوام ڌاڙيلن کان محفوظ ناهي رهيو، ڪڙمي يا پورهيت گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي.
ميان مٺي چيو ته گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ پوليس جا جوان قربانيون ڏئي رهايا آهن، سمورن ضلعن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.
هن چيو ته گهوٽڪيءَ ۾ ڌاڙيل ٿوري انگ ۾ آهن، انهن کي ختم ڪرڻ وڏو مسئلو ناهي، حڪومت ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ته امن ٿيندو.
علي گوهر مهر ميان مٺيَ کي خاطري ڪرائي ته ان معاملي تي هو جلد وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪري امن امان، سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ ٻين معاملي تي ڳالهائيندو.- Advertisement -
