- Advertisement -
گهوٽڪي ڀرسان شادي جي ڪاڄ دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ گهوٽ جي ڀيڻ سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
عادلپور واري علائقي ۾ شادي جي ڪاڄ دوران انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ گهوٽ جي ڀيڻ، الطاف، عاشق ۽ نويد انڙ سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي فوري طور گهوٽڪي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شادي جي ڪاڄ دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.- Advertisement -
