تازه ترين

لنڊن هائيڪورٽ برگيڊيئر راشد نصير جي حق ۾ فيصلو جاري ڪندي عادل راجا کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
لنڊن هائيڪورٽ برگيڊيئر راشد نصير جي حق ۾ فيصلو جاري ڪندي عادل راجا کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت عادل راجا تي 50 هزار پائونڊ ڏنڊ ۽ ڳرا قانوني خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عادل راجا 2 لک 60 هزار پائونڊ عبوري خرچن طور فوري ادا ڪري. عدالتي فيصلي موجب، جون 2022 جا سمورا الزام بي بنياد، بنا ثبوت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هئا، عادل راجا 28 ڏينهن تائين فيصلي جو خلاصو سمورن پليٽ فارمن تي نمايان جڳهه تي لڳائڻ جو پابند هوندو، ڪوڙي دعويٰ ورجائڻ کان روڪڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حڪم نه مڃيو ته توهين عدالت، ڏنڊ ۽ جيل ڀوڳڻو پوندو، پنجاب اليڪشن، مبينا ملاقاتن ۽ رجيم چينج بابت سمورا موقف ڪوڙا هئا، عادل راجا جي الزامن جو مقصد شخصيت ڪشي هو، حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هو. لنڊن هائيڪورٽ ڪيترن ئي حساس نوعيت جي الزامن کي کليل طور تي ممنوع قرار ڏنو ۽ چيو ته سموريون ادائگيون 22 ڊسمبر 2025ع تائين لازمي ڪرڻيون پونديون، عادل راجا جو موقف بدنيتي تي ٻڌل ۽ ڪوڙ جو مجموعو آهي، عدالتي فيصلي جي لنڪ هر پليٽ فارم تي واضح ۽ نمايان رهندي. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته عادل راجا جا الزام ازالو نه ٿيڻ جوڳي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي جيڪي غلط ثابت ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون