- Advertisement -
گهوٽڪي پوليس ڪارروائي ڪري چوري ٿيل ٽريڪٽر، 4 موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري چوري ٿيل ٽريڪٽر، 4 موٽرسائيڪلون ۽ کڙ جا 175 ڪٽا هٿ ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل گاڏيون ۽ کڙ جا ڪٽا مالڪن حوالي ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شمس ڪلوڙ جو ٽريڪٽر ۽ امر لعل جي دڪان مان کڙ جا ڪٽا چوري ڪري ويا هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ترجيح آهي.- Advertisement -
