- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي آهي.
مولانا فضل الرحمان ۽ گورنر سنڌ جي ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ اڳوڻو ايم اين اي مولانا صلاح الدين ايوبي ۽ مولانا عبيدالرحمان به شريڪ هئا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، ان جا فيصلا ملڪ جي بهتري لاءِ هوندا.
ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان سان اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
ٻنهي وچ ۾ ملاقات جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو جي رهائشگاهه تي ٿي.
- Advertisement -
