- Advertisement -
گولاڙچي ۾ شهيد فاضل راهو جي ويجهي ساٿي مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
علي احمد جوکيو شهيد فاضل راهو جي آخري آرامگاهه ويجهو وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، لاش ويجهو خط هٿ ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خطن ۾ لکيل آهي ته هي خط رڳو اسماعيل راهو کي ڏنا وڃن.- Advertisement -
