گوگل تازي چونڊ نتيجن سبب پريشان آهي، نتيجا ٻڌائي ٻڌائي ٿڪجي پيو آهي: شاهد خاقان

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عام چونڊن کي انوکو ڪارنامو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ فارم 47، فارم 45 کان کٽي ويو آهي، هي اليڪشن ڪميشن جو ڪمال آهي ته فارم 47، فارم 45 کان پهريون ٺهي ويو هو، هن انوکي اليڪشن تي گوگل به حيران هو ته رزلٽ ڪهڙو آهي؟. ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهه آهي، نٿو لڳي هن پي ڊي ايم کي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته اهو پتو لڳائڻ گهرجي ته ووٽ ڪنهن کي مليا آهن، ڏڦيڙ جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، جيڪو ڪمپرومائز ڪندو اهو اقتدار ۾ ايندو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورا ماڻهو اقتدار جي سياست کان ٻاهر نڪرندا تڏهن ئي مسئلن جو حل نڪرندو، سياست ته اقتدار جي ئي هوندي آهي، هي شيون ملڪ ۽ قوم جو نقصان ڪنديون آهن. هن چيو ته نيب جو معاملو 6 ورهين کان جاري آهي، هو باربار پڇا ڪري رهيا آهن ته ڏوهه ڪهڙو آهي، هاڻي چوٿين حڪومت به اچي رهي آهي اميد آهي جلدي حڪومت ٺهي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هنن واعدو ڪيو آهي ته نيب کي ختم ڪري ڇڏيندا، اوهان عدالتن ۾ وڃي حيران ٿي ويندا ته ماڻهن سان ڇا ظلم ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون