- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي مختلف ايجنسين ٻوڏ دوران ڀرپور ڪم ڪيو، هو گڏيل قومن جي ٻوڏ متاثر جي بحالي وارن قدمن کي قدر جي نظر سان ڏسن ٿا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شاهه گڏيل قومن جي سفيٽي اينڊ سڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جي ست رڪني وفد انيسي ونيوقا جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران قدرتي آفتن ۽ ان جي اثرن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي مختلف ايجنسين ٻوڏ دوران ڀرپور ڪم ڪيو، هو گڏيل قومن جي ٻوڏ متاثر جي بحالي وارن قدمن کي قدر جي نظر سان ڏسن ٿا.
ملاقات دوران صوبي جي مختلف ۽ اهم هنڌن تي گڏيل قومن جي ايجنسين جا گدام ٺاهڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويو.
گڏيل قومن جي وفد چيو ته سنڌ حڪومت کي گڏيل قومن جي جنهن به ايجنسيءَ جي ضرورت هوندي اها ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي- Advertisement -
