تازه ترين

12 مئي جهڙي ماضي جي واقعن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 12 مئي جهڙي ماضي جي واقعن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي، تاريخ اهڙي قسم جي ڪمن ۾ ملوث ڪردارن جو باقاعده محاسبو ڪندي آهي، ايندڙ نسلن لاءِ سبق هوندو آهي.

12مئي سانحي جي ورسي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيالن ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 12 مئي المناڪ ڏينهن، کين ڇڪتاڻ ۽ تشدد جي سياست جي خراب نتيجن طرف ڌيان ڏياري ٿو، شهيدن جي جمهوريت سان وابستگي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪوششن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته  12 مئي جهڙي ماضي جي واقعن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي، تاريخ اهڙي قسم جي ڪمن ۾ ملوث ڪردارن جو باقاعده محاسبو ڪندي آهي، ايندڙ نسلن لاءِ سبق هوندو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورا سياسي اسٽيڪ هولڊر ڀائيچاري ۽ مفاهمت جي جذبي کي قطب آڻيندي متحد ٿي وڃن، نفرت، ورهاست ۽ تشدد جي سياست کي دفن ڪرڻ جي ضرورت آهي، نفرت، ورهاست ۽ تشدد بدران هڪ روشن ۽ خوشحال پاڪستان طرف وڃڻ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو ته 12 مئي تي پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪريون

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون