استحڪام پاڪستان پارٽي جـِي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 13 آڪٽوبر تي جهنگ ۾ پهرين سياسي پاور شو کان اڳ پارٽي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي.
هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جهانگير خان ترين ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
سندس چوڻ هو ته رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پارٽي قيادت ۽ ڪارنن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي.
فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته رجسٽريشن کانپوءِ آءِ پي پي جي عوامي رابطا مهم وڌيڪ تيز ۽ متحرڪ ٿي ويندي…….