وزيراعظم شهبازشريف پاڪستاني قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته 14 آگسٽ صرف سياسي آزادي جو جشن ناهي، کين اتحاد ۽ خود اعتمادي سان اڳتي وڌڻو پوندو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هو پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ مرد، عورتن ۽ ٻارن کي خراج تحسن پيش ڪري ٿو، پاڪستان جي هن قيمتي تحفي لاءِ هو عظيم اڳواڻن جا ٿورائتا رهندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو تصور عظيم هو، قائد اعظم پر امن جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪري ثابت ڪيو ته مسلمان هر لحاظ کان الڳ قوم آهي.
وزيراعظم چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ آهن، ڪشمير جو عوام ڀارتي قبضي خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب هن تڪرار جو پرامن حل جا حامي آهي.