تازه ترين

14 آگسٽ صرف سياسي آزادي جو جشن ناهي، کين اتحاد ۽ خود اعتمادي سان اڳتي وڌڻو پوندو : شهبازشريف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهبازشريف پاڪستاني قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته 14 آگسٽ صرف سياسي آزادي جو جشن ناهي، کين اتحاد ۽ خود اعتمادي سان اڳتي وڌڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هو پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ مرد، عورتن ۽ ٻارن کي خراج تحسن پيش ڪري ٿو، پاڪستان جي هن قيمتي تحفي لاءِ هو عظيم اڳواڻن جا ٿورائتا رهندا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو تصور عظيم هو، قائد اعظم پر امن جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪري ثابت ڪيو ته مسلمان هر لحاظ کان الڳ قوم آهي.

وزيراعظم چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ آهن، ڪشمير جو عوام ڀارتي قبضي خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب هن تڪرار جو پرامن حل جا حامي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون