تازه ترين

150 تولا سون چوري ڪرڻ واري بھارتي اداڪارا گرفتار ٿيڻ بعد سون واپس گھرڻ تي آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

150 تولا سون چوري ڪرڻ واري بھارتي اداڪارا گرفتار ٿيڻ بعد سون واپس گھرڻ تي آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

سائوٿ انڊين جي اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سوميه شيٽي کي مبينا طور تي 150 تولا سون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا سوميه شيٽي کي مبينا طور تي 150 تولا سون جي چوري جي الزام ۾ پوليس گرفتار ڪيو آھي، سوميه جي خلاف سون چوري جي شڪايت ريٽائرڊ سرڪاري ملازم پرسادبابو جي طرفان داخل ڪرائي وئي هئي.

پرساد ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته سوميه سان دوستي ھڪ فلم جي آڊيشن ۾ ٿي هئي، سوميه گھر ايندي هئي ۽ گھر جو واش روم به استعمال ڪيو.

ايف آءِ آر ۾ فريادي پرساد چيو ته شادي تان واپسي تي خبر پئي ته گھر مان سون چوري ٿي ويو آھي ۽ سون چوري ڪرڻ ۾ سوميه شيٽي جو ھٿ آھي.

پوليس فنگرپرنٽس ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان سوميه شيٽي سميت 11 ماڻھن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي .

پوليس جاچ دوران 74 گرام سون حاصل ڪري ورتو آھي.

سوميه پوليس کي ڌمڪي ڏني ته ھو باقي سون واپس نه ڪندي ۽ زبردستي ڪرڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪندي….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون